سينڌو لوڻ

سينڌو لوڻ

سينڌو لوڻ

سينڌو لوڻ (Rock Salt): هي لوڻ، ڪيميائي مرڪب سوڊيم ڪلورائيڊ (NaCl) جي معدني شڪل آهي. هن لوڻ کي عام طور معدني لوڻ، پهاڙي لوڻ يا لاهوري لوڻ پڻ چيو وڃي ٿو. جڏهن ته انگريزي زبان ۾ Rock Salt ۽ Halite جي نالن سان مشهور آهي. هي لوڻ گهڻو ڪري بي رنگ يا اڇو ٿئي ٿو، پر ڪٿي ڪٿي ان ۾ آلودگيءَ (Impurities) جي ڪري هي لوڻ هلڪي نيري، واڱڻائي، گلابي، ڳاڙهي، نارنگي، پيلي، گهري نيري ۽ سليٽي رنگ جو به ڏسڻ ۾ ايندو آهي. رنگ جو آڌار لوڻ ۾ آلودگيءَ جي قسم ۽ مقدار تي هوندو آهي. هي لوڻ، قدرتي طور يڪسان ماپ جي شفاف ٽڪرن (Crystals) جي صورت ۾ وڌندو آهي.
هي لوڻ تهن جي شڪل ۾ ڍنڍن، صحرائي پٽن ۽ سمنڊ جي پراڻن وهڪرن تان پاڻيءَ جي ٻاڦ ٿيڻ سبب گڏ ٿيل معدنيات جهڙوڪ: سلفيٽ، هيئلائڊ ۽ بورئيٽ جي ٺهڻ سان گڏ عمل ۾ ايندو آهي. اهڙي لوڻ جو ٿلهو تهه وسيع ايراضيءَ تي سوَن ميٽرن تائين هوندو آهي ۽ اهڙيءَ ريت لوڻ جا وڏا وڏا ذخيرا هٿ ايندا آهن.
پاڪستان ۾ اسلام آباد ويجهو ’کيوڙا‘ نالي مقام وٽ لوڻ جون کاڻيون ۽ لوڻ جو وڏو ذخيرو موجود آهي، انهن کاڻين کي ’Khewra Salt Mine‘ سڏجي ٿو. متحده امارات ۾ اهڙي لوڻ جا ٽي وڏا ذخيرا آهن، جن مان سڀ کان وڏو ذخيرو چيشائر (Cheshire) ۾ ونسفرڊ (Winsford) جي هنڌ تي آهي، جتان هر ڇهين مهيني اڌ ملين ٽن لوڻ حاصل ٿيندو آهي. ان کانسواءِ ٽيڪساس جي سامونڊي پٽي، لوئسانيه، جرمني، اسپين، نيڌرلينڊس، رومانيه ۽ ايران ۾ به هن لوڻ جا ذخيرا ملن ٿا. ايران جي برپٽ وارن علائقن ۾ لوڻ جون متحرڪ ڇپون به ملن ٿيون، جيڪي انتهائي بلند هوندي، هيٺان کان ٽٽي هيٺينءَ طرف ڪِرنديون رهن ٿيون.
هن لوڻ جو استعمال مقامي طور ڪيو ويندو آهي. لوڻ جي استعمال سان برف جي ڄمڻ جو پد 00C (0 ڊگري سينٽي گريڊ) تائين گهٽجي ويندو آهي، جنهنڪري گهڻي برف پوندڙ ملڪن ۾ هي لوڻ عام روڊن ۽ رستن جي صفائيءَ لاءِ ڪتب آندو ويندو آهي.
سنڌ ۾ عام طور گهريلو ٽوٽڪن ۾ ’سينڌي لوڻ‘ جو استعمال ڪيو ويندو آهي. ڪن حڪيمن ۽ ڪنڀرن وٽ هڏيءَ جي ڀڄڻ، مُڙڻ يا ٿڙي وڃڻ کانپوءِ جوڙڻ ۽ واپس جاءِ تي آڻڻ واري مرحلي تي تڪڙي علاج ۽ سور کان نجات لاءِ هن جو استعمال ڪرايو ويندو آهي. هٿ ۽ ٻانهن وغيره ۾ تڪليف هجي ته هن لوڻ جو ڳنڍو هٿ ۾ جهلڻ لاءِ چوندا آهن ۽ پير يا ٽنگ جي تڪليف ۾ ان کي نهن سو سڙي پاڻيءَ ۾ وجهي، پير ان ۾ ٻوڙي ويهڻ لاءِ چيو ويندو آهي. اهو لوڻ حڪيمن طرفان ٻين به ڪيترين دوائن ۾ استعمال ٿيندو آهي، خاص ڪري ’چورڻ‘ وغيره ۾.


هن صفحي کي شيئر ڪريو